پاڪستان

ايران مان بصر ۽ ٽماٽن جون 40 ٽرڪون پاڪستان پهچي ويون

ايران مان گهرايل بصر ۽ ٽماٽن جون 40 ٽرڪون پاڪستان پهچي ويون آهن، ان کان اڳ پاڪستان ۾ شديد برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال سبب ٽماٽي ۽ بصر جا اگهه 300 رپيا في ڪلو کان به چوٽ چڙهيل آهن. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت ٽماٽا ۽ بصر امپورٽ ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان تي ڊيوٽي 90 ڏينهن لا ختم ڪري ڇڏي هئي. حڪومتي اجازت نامي بعد ايران کان برآمد ڪيل بصر ۽ ٽماٽن جون 40 ٽرڪون بلوچستان جي شهر تفتان پهچي ويون آهن. ان سلسلي ۾ اختيارين جو چوڻ آهي ته ايران مان روزاني جي بنياد تي ٽماٽن ۽ بصر جي درآمد جاري رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button