پاڪستان

خبردار! وسڪاري ۽ ٻوڏ جي وهڪرن بعد ملڪ ۾ شديد ٿڌ جي به اڳڪٿي

موسمياتي تبديلين جي هيٺ آيل پاڪستان ۾ هڪ ٻي خطري جي گهنٽي وڄي وئي، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته برساتن کانپو هاڻي هلندڙ سال ملڪ ۾ شديد ٿڌ ٿيڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته هاڻي هر موسم جي شدت ۾ اضافو ٿيندو رهندو. موسميات کاتي مطابق برساتن ۾ اضافي سان گڏوگڏ هيٽ ويو، برفاني ڍنڍن جي اٿلڻ جا واقعا وڌي وڃڻ، ٻوڏن ۽ ان کانپو ٿڌين هوائن جي لهر جو خطرو به پيدا ٿي ويو آهي، پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين جو اثر شروع ٿي ويو آهي، جنهن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، جڏهن ته برفاني ڍنڍون ڦاٽڻ جا واقعا به وڌي سگهن ٿا، اهڙا واقعا هاڻي هر سال ٿيندا ۽ انهن جي شدت توڙي تعداد ۾ به اضافو ٿيندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button