ڪراچي : يوٽيلٽي اسٽورز تي مختلف ضروري شين جي اگهن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن مطابق مختلف برانڊز جي 900 گرام چانهه جي پتي جي قيمت 400 رپين تائين مهانگي ٿي وئي. 900 گرام پتي جي قيمت 905 رپين مان وڌائي 1305 رپيا ٿي وئي. ٽي وائٽنر جي قيمتن ۾ 100 رپين جو اضافو ڪيو ويو. يوٽلٽي اسٽورز تي، سيريل، نوڊلز سيون ۽ نمڪو جا اگهه وڌايا ويا. ٻارڙن جي کير جي 800 گرام پئڪيٽ جي قيمت 260 رپيا وڌي وئي. مختلف مصالا 50 رپين تائين وڌايا ويا آهن. 100 گرام ڳاڙهن مرچن جي قيمت 84 رپيا جڏهن ته 100 گرام مصالي جي قيمت ۾ 42 رپين تائين اضافو ٿيو. ڪسٽرڊ، ڪارا مرچ، ميٿي، زيتون، شربتن سميت ڪيترن ئي شين جون قيمتون وڌايون ويون. ماکي جي 100 گرام جي بوتل 100 رپيا مهانگي ٿي وئي آهي. جڏهن ته هڪ ڪلو اچار جو پيڪ 57 رپين تائين مهانگو ڪيو ويو. کير جو 55 گرام جو پيڪ 20 رپيا، 200 گرام ڇوهارا 40 رپيا ۽ ٻوهاري جي قيمت 9 رپيا وڌائي وئي. يوٽيلٽي اسٽورز جي ترجمان مطابق يوٽيلٽي استورز تي دستياب شين جي ڪوائلٽي سڀ کان سٺي ۽ قيمتون سڀ کان گهٽ آهن. سڄي ملڪ جي سمورن اسٽورن تي ڊمانڊ ايند سپلاءِ جي بهتري لاءِ ڪجهه برانڊز جون قيمتون وڌايون ويون آهن. سمورن يوٽيلٽي اسٽورز تي سبسڊائزڊ گيهه 300 رپيا في ڪلوگرام، کنڊ 70 رپيا في ڪلو ۾ دستياب آهي. 20 ڪلو اٽو جو ٿيلهو 800 رپين ۾ ججهي مقدار ۾ دستياب آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close