اسلام آباد :نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (اين آءِ ايڇ) چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 17 هزار 207 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون آهن. ڇنڇر دوران اين آءِ ايڇ طرفان جاري ٽوئٽ ۾ شيئر ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل 24 ڪلاڪن دوران 17 هزار 207 ڪرونا ٽيسٽون ڪيون ويون جن مان 251 ماڻهن جي ڪرونا ٽيسٽ پازيٽو آئي آهي. اهڙي طرح گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل پازيٽو ٽيسٽن جي شرح 1 ڏهائي 46 سيڪڙو رهي آهي. ان دوران ڪرونا وائرس سبب 2 مريض اجل جو شڪار جڏهن ته 110 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close