اسلام آبادپاڪستانسنڌ

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو:عبدالقادر پٽيل

اسلام آباد :وڏ متاثرن لاءِ فرانس مان امدادي سامان کڻي آيل جهاز اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي پهچي ويو آهي. قومي صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل فرانسيسي جهاز جي عملي، انجنيئرنگ ٽيم ۽ انهن سان گڏ آيل فرانسيسي سفير جو فرينچ ٻولي ۾ استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته مصيبت جي هن گهڙي ۾ پاڪستاني حڪومت فرانس جي حڪومت ۽ عوام جو دل سان شڪريو ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان ۾ موجود فرانس جي سفير جو پنهنجي ملڪ وڃي امدادي سامان سان گڏ پاڪستان واپس اچڻ ان ڳالهه جي عڪاسي آهي ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ فرانس پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. وفاقي وزير فرانسيسي عملي جي ايئرپورٽ تي آجيان ڪئي ۽ امدادي سامان وصول ڪيو. هن چيو ته فرانس طرفان ڊاڪٽر ۽ ٽريننگ ڏيندڙ ماهر به موڪليا ويا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ سفارتي سطح تي پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ ۽ بلوچستان ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو آهي. وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن سان گڏجي ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڏينهن رات مصروف عمل آهي. هن چيو ته صحت جي طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ سڀئي وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهيون. هن چيو ته مصيبت سٽيل ۽ ڏکويل انسانيت جي خدمت اسان جو مذهبي ۽ اخلاقي فرض به آهي. هن چيو ته ماڻهن جي ڏکن کي گهٽائڻ لاءِ اسان سڀني کي گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button