
خيرپور: خيرپور جي نااهل انتظاميا شهر جو سم نالي ذريعي نيڪال ٿيندڙ گندو پاڻي خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڪشمير، جمشيد ڪٽوهر، ڳوٺ سائينداد ڪٽوهر ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪٽ هڻي ڇوڙ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ھزارين گهر ۽ فصل پاڻي هيٺ اچي ويا، گهرن ۾ پنج کان ڇهه فٽ پاڻي بيهڻ ڪري ڳوٺاڻا پنهنجا سر بچائي روڊن تي ٻاهر نڪتا آهن. جڏهن ته سوين ڍور، 100 ٻڪريون، 80 مينهون، 200 رڍون، پنج هزار مڻ ڪڻڪ، مال جو چارو، هنڌ بسترا، گهريلو سامان خراب ٿي ويو آهي. ٻي پاسي ڳوٺاڻن محڪم الدين ڪٽوهر، دادن، مريد، هادي بخش، عبدالجبار، ظهران، ظهران بانو، مريدان خاتون ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ضلعي انتظاميا پنهنجي نااهلي جو مظاهرو ڪندي شهر جي گندي پاڻي جي سم نالي کي ڪٽ هڻڻ ڪري ٻه سئو کان وڌيڪ ڪچا پڪا گھر ڪري پيا آهن، پر انتظاميا اسان جي ڪابه سار نه لڌي آهي، معصوم ٻار مختلف بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آهن ۽ بي يارو مددگار بڻيل آهيون. هنن وزيراعليٰ عدالتن سميت وسوارن کان مطالبو ڪيو ته ڳوٺ مان پاڻي ڪڍي اسان جي جانين کي بچايو وڃي، نه ته اسان مجبور ٿي پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين.