پاڪستان

پاڪستان ۾ برسات ۽ ٻوڏ هڪ صدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو،يونيسيف جي رپورٽ

يونيسيف پاڪستان نشاندهي ڪئي آهي ته برساتن ۽ ٻوڏ هڪ صدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ملڪ جي ڪجهه صوبن ۾ 30 سالن جي سراسري کان پنجوڻ تي وڌيڪ برساتون پيون آهن. يونيسيف پاڪستان جي سربراهه عبدالله فاضل پنهنجي پنهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 400 ٻارن سميت 1200 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، 11 لک کان وڌيڪ گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته پاڻي مان پيدا ٿيندڙ هاڃيڪار بيماريون ڊائريا، مليريا، ڊينگي ۽ ٻيا مرض وڌيڪ تيزي سان پکڙجڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته 5 هزار ڪلوميٽرن تائين روڊ رستا تباهه ٿيڻ ڪري رليف ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي. رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ٻوڏ سبب 35 لک ايڪڙ فصل متاثر ٿيا ۽ 8 لک چوپائي مال کي نقصان ٿيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button