پاڪستان

وزيراعظم ٻوڏ متاثرن جي رليف فنڊ جي آڊٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرن جي مدد لا قائم ڪيل پرائيم منسٽر رليف فنڊ جي آڊٽ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت پنهنجي واعدي مطابق شفافيت کي يقيني بڻائڻ لا رليف فنڊ جي آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، رليف فنڊ جي آڊٽ اي جي پي آر ۽ سٺي ساک رکندڙ عالمي ڪمپني کان ڪرائي ويندي، جيڪي رقم جي خرچن سميت مڪمل آڊٽ ڪنديون ۽ اها رپورٽ منظرعام تي آندي ويندي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي ٽوئيٽر بيان ۾ چيو ته ٻوڏ سبب متاثر ٿيل علائقن ۾ ضروري خدمتن جي فراهمي لاءِ وڏي پيماني تي ڪوششون جاري آهن، پاڪستان نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، ڊسڪوز، ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي ۽ ٻين وفاقي ادارن ڏکيائين باوجود بهترين ڪم ڪيو آهي، وفاقي ادارا متاثر ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۾ پڻ مصروف آهن. هن وڌيڪ چيو ته ٻوڏ سبب سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ بجلي جي نظام کي شديد نقصان پهتو آهي، متاثر علائقن ۾ بجلي جي فراهمي يقيني طور هڪ وڏو چئلينج هو، آئون خاص طور تي سيڪريٽري پاور ڊويزن راشد لنگڙيال ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو جنهن ڏينهن رات محنت ڪري بجلي جي بحالي کي يقيني بڻايو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button