پاڪستان

ٻوڏ جي چئلينج کي گڏجي منهن ڏبو، متاثرن جي وڌيڪ امداد لا به ڳالهائيندس:عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي وڌيڪ امداد لا ڳالهائيندس، سڄي ملڪ ۾ آيل ٻوڏ وڏو چئلينج آهي، اهڙي ڏکيائي واري صورتحال کي گڏجي منهن ڏينداسين. راجن پور ڀرسان روجهاڻ ۽ ٻين ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ تباهي ٿي آهي پر مجموعي طور ڪيترو نقصان ٿيو آهي، ان بابت انگ اکر گڏ ڪرڻا پوندا، پي ڊي ايم کي نقصانن بابت ڊيٽا گڏ ڪرڻ گهرجي، هن وقت هزارين ايڪڙ زمين پاڻي ۾ ٻڏل آهي، هر علائقو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي، تنهن ڪري هن چئلينج کي گڏجي منهن ڏينداسين، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مڇر دانيون فراهم ڪيون وڃن. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ کي ڊئمن جي ضرورت آهي، پنهنجي چونڊيل نمائندن کي چوان ٿو ته اهي ٻوڏ متاثرن علائقن ۾ وڃن، ڇاڪاڻ ته هن وقت متاثرن کي مدد جي سخت ضرورت آهي. هوڏانهن بهاولپور ۾ وڪيلن کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ملڪ ۾ انصاف نه ايندو ته ڪرپشن ٿيندي رهندي، اسان جي دور ۾ فضل الرحمان ۽ بلاول به لانگ مارچ ڪيو پر اسان ته ڪنهن کي نه روڪيو، وڏن چورن کي هڪ سازش تحت ملڪ تي مڙهيو ويو، زرداري ۽ شريف خاندان جمهوري ماڻهو نه آهن، اسان کي مافياز خلاف انصاف جو انقلاب آڻڻو آهي، جيستائين وڏن چورن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ نه آڻينداسين تيستائين ملڪ ترقي نه ڪندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button