سنڌ

پاڻي هيٺ آيل علائقن مان ٻيڙين ذريعي منتقلي جو ڪاروبار چمڪي پيو

سنڌ جي ٻوڏ متاثر ضلعن ۾ ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچڻ بعد ٻيڙي ذريعي لڏپلاڻ ڪرڻ جو ڪاروبار چمڪي پيو آهي. رپورٽ مطابق شهدادڪوٽ، قمبر، ڳڙهي خيرو ۽ خيرپور ناٿن شاهه سميت ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن، جتي ٻيڙين ذريعي لڏپلاڻ ۽ ٽرانسپورٽيشن جو ڪاوربار ڪندڙن جي چاندي ٿي وئي آهي. اڪثر ماڻهو سوزوڪي يا ڊاٽسن گاڏين ذريعي ٻيڙيون کڻائي هڪ ضلعي کان ٻئي تائين منتقل ٿيڻ لڳا آهن، اهڙي ئي هڪ ڪٽنب ٺٽي کان قمبر ضلعي تائين سوزوڪي ۾ ٻيڙي منتقل ڪئي، جتي هو ڪرائي تي ٻيڙي هلائڻ جو ارادو رکن ٿا. ٻئي طرف ايڌي فائونڊيشن جي ٽرسٽيز ۾ شامل سعد ايڌي ٻڌايو ته هاڻوڪي وسڪارن ۾ ايڌي فائونڊيشن جون 3 ٻيڙيون بلوچستان ۽ هڪ ٻيڙي ملير ندي ۾ ڦاٽي تباهه ٿي وئي آهي، چين مان اهڙي ٻيڙي 2 کان اڍائي لک رپين ۾ ملي ٿي، جڏهن ته ان تي 4 لک رپيا ٽيڪس لڳي وڃي ٿو، جيڪڏهن حڪومت اسان جي مدد ڪري ته وڌيڪ ٻيڙيون گهرائي سگهون ٿا جن جي ذريعي متاثرن جي منتقلي ۾ آساني ٿيندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button