تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته عمران خان طرفان ڪيل ٽيلي ٿون دوران اعلانيل عطين مان 30 لک ڊالرن جي رقم ملي وئي آهي. جهلم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پرڏيهه ۾ موجود ماڻهن جا پئسا مقامي بئنڪن ۾ منتقل نه ٿي رهيا آهن، جڏهن ته آصف زرداري جو سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نه وڃڻ سياڻپ آهي. هن وڌيڪ چيو ته عمران خان جي تقرير کي 5 مهينن تائين روڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر عمران بہاولپور، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ جلسا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جيڪڏهن عمران خان کي ٻاهر ڪيو ويو ته جمهوريت ختم ٿي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close