سنڌ

سنڌ ۾ 62 لک 78 هزار متاثر رليف ڪئمپن ۾ منتقل، ڪالا باغ ڊئم سان وڏي تباهي اچي ها:شرجيل ميمڻ

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته صوبي ۾ ٻوڏ ۽ برساتن 44 لک 20 هزار 484 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ڪري ڇڏيا آهن. ڪپهه، چانورن ۽ ڀاڄين جا قيمتي فصل متاثر ٿيا آهن، جنهن سان ايڪسپورٽ ۾ تمام وڏو نقصان ٿيندو ۽ مستقبل ۾ خوراڪ جي کوٽ جو به خدشو آهي، کجيءَ جو 100 سيڪڙو فصل متاثر ٿيو آهي، جيڪڏهن پاڻي جي صورتحال ايندڙ هڪ مهيني تائين ايئن ئي رهي ته انب ۽ ٻيا باغ به شديد متاثر ٿيندا. سنڌ آرڪائيوز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير چيو ته سرندي وارا ماڻهو ۽ غيرسرڪاري تنظيمون هر متاثر ڪٽنب تائين امداد پهچائڻ لاءِ پي ڊي ايم اي سان رابطي ۾ رهن، ايئن نه ٿئي جو فقط روڊن تي ويٺل متاثرن کي هر هر امدادي سامان ملي، پي ڊي ايم اي اندر ڪنٽرول روم قائم ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ فون نمبر 02135381810 ۽ موبائل نمبر 03355557362 تي رابطو ڪيو وڃي، ڪجهه ماڻهو امدادي سامان جي قافلن کان سامان ڦرڻ ۾ ملوث آهن. ٻوڏ متاثرن مان 62 لک 78007 ماڻهن کي رليف ڪئمپن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. جتي کين معياري پڪل کاڌو ۽ صحت جون سهولتون ڏئي رهيا آهيون، پهرين ترجيح متاثر ٿيل علائقن ۾ ماڻهن جون زندگيون بچائڻ آهي، ٻئي مرحلي ۾ متاثرن جي مڪمل بحالي جو آغاز ڪيو ويندو، هن چيو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جا انگ اکر حتمي ناهن، ڪيترائي علائقا اهڙا آهن جتي پهچي ناهيون سگهيا، ڪيڏي نه افسوس ۽ شرم جي ڳالهه آهي ته هڪ طرف قيامت جو منظر آهي ۽ ٻئي پاسي جلسا جلوس ۽ ميوزيڪل ڪنسرٽ منعقد ڪيا پيا وڃن، هي شخص سڀني کي ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، اڄ جيڪڏهن ڪالا باغ ڊئم ٺهيل هجي ها ته ان سان تمام وڏي تباهي اچي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button