![](https://s3.amazonaws.com/sindhexpress.com.pk/2022/09/School-780x470.jpg)
بلوچستان جي حڪومت صوبي ۾ بند پيل اسڪول، ڪاليجن ۽ ٻين تعليمي ادارن کي سومر 5 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. تعليم کاتي جي صوبائي وزير نصيب الله مري چيو ته 5 سيپٽمبر کان صوبي جا سمورا اسڪول ۽ ڪاليج ٻيهر کلي ويندا، جڏهن ته شديد متاثر ٿيل ضلعن نصيرآباد ۽ جعفرآباد ۾ اسڪول کولڻ جو فيصلو بعد ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته بلوچستان ۾ تعليمي ادارا برساتن ۽ ٻوڏ سبب 22 آگسٽ کان بند پيل آهن.