بلوچستانپاڪستان

ايران پاڪستان سان توانائي شعبي ۾ واپار وڌائڻ لا تيار،100 ميگاواٽ بجلي رٿا جو افتتاح

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ابراهيم رئيسي پاڪ- ايران بارڊر تي گڏيل طور رديگ- پشين سرحدي مارڪيٽ ۽ ايران مان 100 ميگاواٽ جي گبد- پولان ٽرانسميشن لائين جو به افتتاح ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته ايراني صدر سان ڪارائتي ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ٿي، کيس سي پيڪ بابت تجويزون به پيش ڪيون آهن، ايران سان آزاد واپار کي جلد حتمي شڪل ڏينداسين، بجلي جي ٽرانسميشن بابت تمام گهڻو اسڪوپ موجود آهي، ان سلسلي ۾ گڏجي اڳتي وڌنداسين، هي منصوبو پاڪ- ايران دوستي لاءِ اهم آهي. شهبازشريف چيو ته 100 ميگاواٽ گبد-پولان بجلي روانگي رٿا پاڪ- ايران لاڳاپن ۾ نئين باب جو اضافو آهي، ٻنهي ملڪن جو عوام ۽ قيادت کي گڏجي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ انقلاب آڻڻو پوندو، هي ڏکيو ڪم ناهي، ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ ڏار وجهندڙن جي ارادن کي ناڪام بنائڻ لاءِ بارڊر سيڪيورٽي مڪينزم کي وڌيڪ مضبوط بڻايو وڃي، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ سرحد محبت، اخوت ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي سرحد آهي، هي امن ۽ سلامتي جي علامت آهي، بارڊر سيڪيورٽي جي حوالي سان ڪنهن جي ذهن ۾ ڪوئي مونجهارو نه هئڻ گهرجي، ٻئي ملڪ هن سرحد کي امن ۽ سلامتي جو بارڊر بڻائڻ لاءِ پنهنجي مڪمل صلاحيتن کي ڪتب آڻيندا. هن چيو ته اڄ پاڪستان ۽ ايران جي تاريخ ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ايران ۽ پاڪستان ٻه برادر ملڪ آهن، جيڪي اسلام، محبت، اخوت ۽ ثقافتي رشتن سان نه رڳو جڙيل آهن پر اسان جي تاريخ صدين تي ٻڌل آهي هن چيو ته ايران پاران اسان جو شاندار استقبال ڪيو ويو جنهن تي مان ايران جي صدر جو ٿورائتو آهيان. هن چيو ته ٻنهي ملڪن پشين مند بارڊر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو آهي، اهڙي قسم جون وڌيڪ 6 مارڪيٽون ٺاهيون وينديون ۽ هن نظام سان نه رڳو خطي ۾ خوشحالي ايندي پر ترقي جو نئون سفر شروع ٿيندو، هي رٿا ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ واپاري رابطن، ترقي ۽ خوشحالي جو سنگ ميل آهي، 100 ميگاواٽ جي بجلي ٽرانسميشن لائين مان گوادر جا شهري فائدو وٺندا، بدقسمتي سان هي رٿا ڪيترن ئي سالن کان ارولڙي ۾ پيل هئي ۽ اها دير ايران نه پر پاڪستان جي طرفان هئي، ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ بجلي ۽ پيٽروليم جي شعبن ۾ بي پناهه گنجائش موجود آهي، ان حوالي سان ايراني صدر سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي مون کي اميد آهي ته ٻنهي ملڪن جي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ان ڏس ۾ اڳڀرائي ڪئي ويندي، اسان ان راهه ۾ ايندڙ رنڊڪن کي ختم ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ايران جي صدر سان شمسي توانائي مان بجلي پيدا ڪرڻ جي رٿا تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن تي ايران جي صدر اتفاق ڪيو آهي، ان ڏس ۾ اسان جي ٽيم جلد تهران ويندي ۽ اسان کي اميد آهي ته ايران مان به اسان جا ڀائر پاڪستان ايندا، مون ايران جي صدر کي هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي، مون کي پوري اميد آهي هو اسيمبلي جو مدو ختم ٿيڻ کان اڳ پاڪستان ايندا ۽ اسان کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪندا. ان کان اڳ ايران جي صدر ابراهيم رئيسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ پراڻا ۽ ڀائپي وارا لاڳاپا آهن، ٻطرفن لاڳاپن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، اسان توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان سان واپار وڌائڻ چاهيون ٿا، هن رٿا سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، ٻنهي ملڪن جو عوام مذهبي رشتي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهي. پاڪستان ايران جي لاڳاپن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي ان رٿا تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪ ڏيندي چيو ته اسان توانائي جي شعبي ۾ پاڪستان سان واپار وڌائڻ چاهيون ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button