اسلام آبادپاڪستان

دهشتگرد اهي آهن جيڪي پنهنجن ماڻهن کي ماري رهيا آهن: عمران خان جون ڀينرون

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي ڀينرن ڊاڪٽر عظميٰ خان، عليما خان ۽ نورين نيازي جو چوڻ آهي ته انھن ماڻهن کي عمارتن جي پرواھه آهي پر سندن آڏو انساني جانين جي ڪا به قيمت ناهي. لاهور ۾ زمان پارڪ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان جي ڀيڻ عليما خان چيو ته دهشتگرد اهي آهن جيڪي پنهنجن ئي ماڻهن کي ماري رهيا آهن، جن عمارتن جو کين ڏُک آهي اهي اسان جي پئسن سان ئي ٺهيون آهن، انهن پاڻ ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو، اسان پاڻ اتي هئاسين. ڊاڪٽر عظميٰ چيو ته ڪور ڪمانڊر ھائوس تي حملو اسان نه انھن پاڻ ڪيو، اسان جنهن دروازي وٽ هئاسين اهو اڳي ئي بند ھو. نورين نيازي چيو ته زمان پارڪ ۾ شرپسند نه مهذب ماڻهو موجود آهن، عمران ڪنهن کي به ڪنهن تي حملو ڪرڻ جو نه چيو آهي، اسان ماڻهن کي منع ڪري رهيا هئاسين ته اهو سڀ ڪجھه نه ڪن، اهي ڪير هئا جن اهو ڪيو، اها تہ انهن کي به خبر آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button