پاڪستانسنڌ

سنڌ حڪومت آدمشماري جا نتيجا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ جي اصل آبادي 6 ڪروڙ 44 لک آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت 5 ڪروڙ 76 لک ڳڻيو آهي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته 68 لک ماڻهن جي ڳڻپ نه ڪئي وئي آهي، اهو ڪو گهٽ فرق ناهي، جڏهن ته 5 سالن جي عرصي (2017-2023) جي آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد صحيح، شفاف ۽ سائنسي طرز جي ڳڻپ ڪرائڻ هو پر اهو عمل به نه قبولڻ وارو ثابت ٿيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چئي. ان موقعي تي اطلاعات وارو وزير شرجيل ميمڻ، سيد ناصر شاهه ۽ مرتضيٰ وهاب پڻ ساڻس گڏ هئا. وڏي وزير چيو ته ڪالهه اسلام آباد ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ کيس دعوت نه ڏني وئي پر چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ مون کي اعتماد ۾ وٺڻ بدران اهو فيصلو ڪيو ويو ته 15 مئي کان پنجاب کانسواءِ سڄي ملڪ ۾ آدمشماري بند ڪئي ويندي. سنڌ جي وڏي وزير سوال ڪيو ته جيڪڏهن آدمشماري ڪرائڻ جو مقصد شرح وڌائڻ جي بنياد تي هو ته پوءِ اهڙو خوفناڪ عمل ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي.

هن چيو ته قانون موجب آدمشماري هر 10 سالن کانپوءِ ٿيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته آخري آدمشماري 2017ع ۾ ٿي هئي پر اها اميدن مطابق نه هئي، تنهن ڪري هن سي سي آءِ ۾ آواز اٿارڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت 2023ع ۾ ٻي آدمشماري ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو. هن مطالبو ڪيو ته هاڻي 2023ع جي آدمشماري به تڪراري ثابت ٿي رهي آهي، ان ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته صوبائي حڪومتن کي اعتماد ۾ وٺي ۽ ان ۾ موجود خاميون ختم ڪري ٻي صورت ۾ سندن حڪومت وٽ ان کي رد ڪرڻ کانسواءِ ڪوبه رستو نه هوندو. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي آبادي 6 ڪروڙ 44 لک آهي، جڏهن ته 5 ڪروڙ 76 لک ڏيکاري پئي وڃي، جنهن مان 68 لکن جي وڏي کوٽ ظاهر ٿئي ٿي. وڏي وزير چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي سمورن بلاڪن جي صحيح ڳڻپ ناهي ڪئي وئي ۽ ڪجهه بلاڪن ۾ اسان جي آبادي گهٽ ڏيکاري پئي وڃي، جيڪا قبول جوڳي نه آهي ۽ سمورا تفصيل رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال کي موڪليا ويا آهن ته اسان جي آدمشماري کي صحيح ڳڻيو ناهي ويو. 9 مئي تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ تشدد ۽ باهين وارن واقعن بابت ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته اهو عمل قبول جوڳو نه آهي، ان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن واضح اعلان ڪيو ته تشدد ۾ ملوث سڀني جوابدارن کي گرفتار ڪنداسين. هن چيو ته جيتري تائين سنڌ حڪومت جو تعلق آهي ته اسان ڪنهن به ڏوهاري کي نه بخشينداسين. مراد علي شاهه چيو ته آخري اين ايف سي ايوارڊ 2010ع ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ڏنو هو ۽ ان کانپوءِ اڃان تائين انتظار آهي.

هن وڌيڪ چيو ته هڪ ڀيرو آدمشماري مڪمل ٿي ويندي ته ان جو اثر اين ايف سي ايوارڊ تي پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته شهرين جي ڳڻپ کانپوءِ غيرقانوني مهاجرن جي به ڳڻپ ڪئي وڃي ته جيئن ملڪ ۾ رهندڙن ۽ غير قانوني ماڻهن جي ٽوٽل آبادي جو اندازو لڳائي سگهجي. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي شهر ۾ واحد وڏي پارٽي بڻجي اڀري آهي تنهن ڪري هو پنهنجو ميئر چونڊرائيندي. هن چيو ته شهر ۾ اسان جو ميئر هوندو ۽ عوام ڄاڻي ٿو ته اسان سندن خدمت ڪئي آهي ۽ ووٽ ذريعي ان جو اعتراف ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت ٻين جا حق کسڻ تي يقين نٿي رکي. هن ياد ڏياريو ته وسيم اختر جڏهن جيل ۾ هو ته 25 آگسٽ 2016 تي کيس ميئر جي چونڊ وڙهڻ لاءِ ٻاهر آندو ويو هو. هن چيو ته پيپلز پارٽي کيس جيل مان نه ڪڍي ها ته هو چونڊون نه کٽي ها. پاڻي کوٽ جو معاملو اٿاريندي مراد علي شاهه چيو ته سنڌ کي ان جو جائز حق نه پيو ملي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته جڏهن پاڻي گهڻو هو ته سندس صوبي ۾ ٻوڏ آئي ۽ جڏهن کوٽ ٿي ته سنڌ کي پنهنجي حصي کان محروم ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير ارسا تي زور ڀريو ته هو صوبي کي پنهنجي حصي جو پاڻي جاري ڪري ته جيئن خريف جا فصل وقت تي پوکي سگهجن ۽ جيڪي پوکيا ويا آهن انهن کي بنجر ٿيڻ کان بچائي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button