بلوچستانپاڪستان

سيڪيورٽي ادارن کي هاءِ ويز تان چيڪ پوسٽون ختم ڪرڻ جو حڪم

ڪوئيٽا : بلوچستان سرڪار صوبي ۾ سمورين شاهراهن تي قائم سيڪيورٽي چيڪ پوسٽون فوري طور ختم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جي خاص اجلاس ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ سيڪيورٽي چيڪنگ جي آڙ ۾ روڊن تي قائم چيڪ پوسٽن جي قيام تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو. ڪابينا تمام لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سيڪيورٽي ادارن کي شاهراهن تي قائم چيڪ پوسٽون تُرت ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي.ڪابينا جو چوڻ هو ته اڳتي ڪو به ادارو صوبائي حڪومت جي اجازت کانسواءِ روڊن تي چيڪ پوسٽ قائم نه ڪندو، چيڪ پوسٽ جو قيام گهرو کاتي جي اجازت سان مشروط هوندو. ڪابينا موجب بسن ۽ گاڏين ۾ سوار عورتن، ٻارن، مريضن ۽ پيرسن شهرين کي چيڪ پوسٽ تي ڪلاڪن تائين روڪيو ويندو آهي. عوام کي سيڪيورٽي جي فراهمي حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي. چيڪ پوسٽن جي نالي ۾ عوام جي تذليل ڪنهن صورت ۾ قبول نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button