بلوچستانپاڪستان

ڪوئيٽا ۾ وڪيل جو قتل ڪيس عمران خان خلاف داخل

ڪوئيٽا: پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سينيئر وڪيل عبدالرزاق شر جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن موجب گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبدالرزاق کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس شهيد جميل کوکر ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس مقتول وڪيل جي پٽ ايڊووڪيٽ سراج الحق جي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي.

سراج احمد موقف اختيار ڪيو ته سندس والد ٻڌايو هو ته آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي جي پٽيشن داخل ڪرڻ کانپو ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. واضح رهي ته سپريم ڪورٽ جي وڪيل عبدالرزاق شر کي ايئرپورٽ روڊ عالمو چوڪ تي نامعلوم ماڻهن فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو. وزيراعظم جي خاص معاون عطا تارڙ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو ته وڪيل عبدالرزاق پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف سنگين غداري ڪيس ۾ وڪيل ۽ درخواستگذار هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button