پاڪستانسنڌ

حيدرآباد جي 179 مخصوص سيٽن جي ميمبرن حلف کڻي ورتو

حيدرآباد: حيدرآباد جي ڊپٽي ڪمشنر فواد غفار سومرو حيدرآباد جي 179 مخصوص سيٽ تي آيل نمائندن کان حلف ورتو، گذريل ڏينھن حيدرآباد جي مقامي ھوٽل ۾ حيدرآباد ميونسپل اليڪشن ۾ مخصوص سيٽن جي نمائندن جي حلف برداري تقريب ٿي، مخصوص سيٽن ۾ عورتن، نوجوانن، ليبر، اقليتي ۽ ٽرانس جينڊر سيٽون شامل آهن، جڏھن تھ اميدوارن جي غير موجودگي سبب 8 ٽائونن ۾ کدڙي فقيرن لا مخصوص سيٽون خالي رھجي ويون. حلف کڻندڙن ۾ ليبر ميمر طور پاشا قاضي، عورت سيٽ تي نورالنسا ابڙو ۽ ٻيا شامل آهن. بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي 130، پي ٽي آءِ 48 ۽ ٽي ايل پي کي هڪ مخصوص سيٽ حاصل ٿي آهي. اليڪشن ڪميشن موجب ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ان جي 9 ٽائونن جي ڪل 179 مخصوص سيٽن لاءِ 312 اميدوارن ڪاغذ جمع ڪرايا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button