پاڪستانسنڌ

ميرپورخاص ۾ 118 بلدياتي نمائندن حلف کڻي ورتو

ميرپورخاص: ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪامياب ٿيل 119 اميدوارن مان 118 اميدوارن حلف کڻي ورتو، جنھن ۾ پ پ جي 112 اميدوارن، ايم ڪيو ايم پاڪستان جا 3 ۽ جي ڊي اي جا 3 اميدوار شامل آهن. ميونسپل جي اقليت جي سيٽ تي ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال جي پٽ ڪرن ھري رام حلف نه کنيو. حلف کڻڻ واري تقريب درٻار حال ۾ ٿي، جتي ڊي سي زين العابدين ميمڻ اميدوارن کان حلف کڻايو. ضلعي ڪائونسل ميرپورخاص جي مخصوص 29 سيٽن مان عورتن جي مخصوص سيٽن تي پ پ جون 16 ۽ 2 جي ڊي جون اميدوار، نوجوانن جي سيٽن تي پ پ جي 3، نان مسلم تي پ پ 3، پورھيتن جي سيٽن تي پ پ جا 3، معذور ڪوٽا تي ھڪ ۽ کدڙي فقير تي پ پ سان لاڳاپيل ھڪ اميدوار حلف کنيو. ميونسپل ڪارپوريشن ميرپورخاص جي 12 مخصوص سيٽن مان ۾ عورتن جي 7 سيٽن تي 6 پ پ ۽ ھڪ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي عورت اميدوار حلف کڻنديون. نوجوانن جي ھڪ سيٽ تي پ پ اميدوار، نان مسلم جي ھڪ سيٽ نامزد پ پ ايم پي اي ھري رام ڪشوري لال جي پٽ ڪرن ھري حلف برداري تقريب ۾ شرڪت نه ڪئي. پورھيت جي ھڪ سيٽ تي پ پ، معذورن جي سيٽ تي پ پ اميدوار ۽ کدڙي فقير جي سيٽ تي بھ پ پ اميدوار حلف کڻندا. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن مير شير محمد جي 9 مخصوص سيٽن مان عورتن جي سيٽن تي پ پ سان لاڳاپيل 4، نوجوانن، معذورن، پورھيت، نان مسلم ۽ ٽرانسجينڊر جي ھڪ ھڪ سيٽ تي پ پ جي اميدوارن حلف کنيو. ٽائون ميونسپل ڪارپوريشن خادم علي شاھه جي بھ مخصوص 9 سيٽن مان عورتن جي 4 سيٽن تي پ پ سان لاڳاپيل 3 ۽ ھڪ ايم ڪيو ايم، نوجوانن، معذورن، پورھيت، نان مسلم ۽ ٽرانسجينڊر جي ھڪ ھڪ سيٽ تي پ پ اميدوارن حلف کنيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button