پاڪستان

اتحادي حڪومت مختصر مدي ۾ ملڪ کي بچائي ورتو آهي: فضل الرحمان

پي ڊي ايم سربراهه ۽ جي يو آ جي مرڪزي امير مولانا فضل الرحمان چيو آهي ٻوڏ ۽ برساتن سبب ٿيل جاني، مالي ۽ زرعي نقصان سبب سڄي قوم تڪليف مان گذري رهي آهي، اسان جي توجه سياست بدران صرف ٻوڏ سٽيلن جي امداد ۽ بحالي تي هئڻ گهرجي. ڊيرا اسماعيل خان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ پارٽي جو سربراهه چوي ٿو ته ٻوڏ اسان جو مسئلو ناهي، هو سياست جي آڙ ۾ قوم کي رياست خلاف اڪسائي رهيو آهي، هاڻي ضدي عمران جو قصو ختم ٿي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ حڪومت کي معاشي طور تي سڀ کان وڏو چئلينج اهو هوندو ته ملڪ جي معيشت کي ڪيئن بهتر بڻائجي، جيڪڏهن اسان عمران خان جي حڪومت کي نه هٽايون ها ته خدانخواسته ملڪ ڏيوالو نڪرڻ جي ويجهو هو، عمران کي گهر ڀيڙو ڪري مختصر مدي ۾ ملڪ جي معيشت کي سنڀاليوسين ۽ هاڻي ملڪ کي بچائي ورتو آهي، متاثرن جي امداد کان پوءِ انهن جي بحالي اصل امتحان وارو مرحلو هوندو، سڄي قوم جي توجه ٻوڏ متاثرن جي بحالي تي آهي پر ان تي سياست ڪندڙ پنهنجي انجام تي پهچندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button