سنڌغير درجه بندي

سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جننگ فيڪٽرين تائين ڪپهه جي رسائي ۾ رڪارڊ گهٽتائي

ٻوڏ سبب ڌاڳو ٺاهيندڙ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جو بحران پيدا ٿي ويو ۽ پهرين سيپٽمبر تائين ڪپهه جي آمد ۾ رڪارڊ 14 سيڪڙو گهٽتائي ڏٺي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ فيڪٽرين ۾ پيداواري عمل سخت متاثر ٿي رهيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ ٻوڏ سبب جننگ فيڪٽرين تائين ڪپهه پهچائڻ ۾ گهٽتائي آئي آهي، پهرين سيپٽمبر تائين جننگ فيڪٽرين ۾ ڪپهه جي آمد 15 لک ڳٺڙين تائين محدود ٿي وئي آهي. گذريل سال ان عرصي دوران انهن جو انگ 17 لک کان وڌيڪ هو، جڏهن ته پنجاب ۾ ڪپهه جي فيڪٽرين تائين پهچ ۾ 29 سيڪڙو اضافو ڏٺو ويو، ان جي ابتڙ سنڌ ۾ ڪپهه جي آمد ۾ 33 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جنهن جو سبب ٻوڏ سبب ڦٽين جو فصل تباهه ٿيڻ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button