بلوچستانپاڪستان

مسلم باغ آپريشن ۾ شهيدن جو انگ 7 ٿي ويو، 6 دهشتگرد مارجي ويا

بلوچستان ۾ ايف سي ڪمپائونڊ مسلم باغ ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪليئرنس آپريشن مڪمل ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪليئرنس آپريشن 12 مئي جي شام دهشتگردن جي شروعاتي حملي کي ناڪام بڻائڻ کانپوءِ شروع ٿيو هو، آپريشن ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ شهري سميت 7 جوان شهيد ٿي ويا. اتر بلوچستان جي ايف سي ڪمپائونڊ مسلم باغ ۾ ڪليئرنس آپريشن (جيڪو دهشتگردن جي شروعاتي حملي کي ختم ڪرڻ کانپوءِ حملي ۾ ملوث سڀ 6 دهشتگردن جي مارجڻ کانپوءِ مڪمل ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان مطابق پيچيده ڪليئرنس آپريشن ۾ يرغمالين کي بچائڻ جو عمل به شامل هو جنهن ۾ هڪ رهائشي بلاڪ مان ٽن خاندانن کي به بچايو ويو، دهشتگردن پنهنجي ناپاڪ فعل دوران ٻارن کي به نه بخشيو. ڪليئرنس آپريشن دوران هڪ شهري سميت 7 جوان شهيد ٿيا جڏهن ته عورت سميت 6 ڄڻا زخمي ٿيا. بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو ايف سي ڪمپانڊ مسلم باغ ۾ سيڪيورٽي فورسز طرفان دهشتگردن خلاف ڪليرنس آپريشن جي پڄاڻي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ڪالهه جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلوچستان جي وڏي وزير سمورن دهشتگردن جي مارجڻ ۽ يرغمالين کي حفاظت سان بازياب ڪرائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف مسلم باغ بلوچستان جي ايف سي ڪمپائونڊ ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن دوران پاڪ فوج جي ڇهن جوانن ۽ هڪ شهري جي شهادت تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم زخمين جي ترت صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي ۽ کين هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون. هن چيو ته پاڪستاني هٿياربند فوجون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ پرعزم آهن، پوري قوم سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button