پاڪستانسنڌ

منڇر سبب متاثر ٿيندڙ سوا لک آبادي کي خيمن ۾ ترسايو ويندو: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ اينڊماس ٽرانزٽ ۽ رين ايمرجنسي فوڪل پرسن شرجيل انعام ميمڻ راول هائوس ٽنڊوڄام ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو آهي ته منڇر ڍنڍ وٽ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، گذريل ڏينهن افواهه پکيڙيا ويا هئا ته منڇر ڍنڍ ۾گنجائش کان وڌيڪ پاڻي ڀرجي ويو آهي ۽ اها اوور فلو ٿي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو ته سيوهڻ ۽ ڀان سيد آباد کي ٻڏڻ کان بچائڻو آهي، آبپاشي ماهرن ڪٽ لڳائڻ جو فيصلو ڪيو جڏهن ته فقط سيوهڻ جي آبادي 3 لک کان وڌيڪ آهي، ڪٽ لڳائڻ کانپوءِ يوسي جعفر آباد، واهڙ، چنا، اراضي ۽ يوسي بوبڪ متاثر ٿينديون. هن چيو ته حڪومت متاثر ٿيلن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ جوڳا انتظام ڪري رهي آهي، سنڌ جو وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻ به سيوهڻ شريف پهچي چڪو آهي، مشڪل فيصلو آهي منڇر کي ڪٽ لڳائڻ سان هڪ لک 25 هزار آبادي متاثر ٿيندي. هن چيو ته سنڌ ۾ هن وقت تائين برساتن ۽ ٻوڏ سبب ڪل 563 ماڻهو فوت ۽ 22 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. صوبائي وزير ٻڌايو ته 6 لک 72 هزار کان وڌيڪ متاثر امدادي ڪيمپن ۾ ترسيل آهن، ان کان علاوه هڪ لک کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو آهي. هن چيو ته يوٽيليٽي اسٽورن کي هڪ لک 15 هزار راشن بيگس جو آرڊر ڏنو ويو، جڏهن ته اسانکي هن وقت تائين يوٽيليٽي اسٽور کان 8 هزار تائين راشن بيگس مهيا ٿيا آهن. هن چيو ته يوٽيلٽي آرڊر سستي روي جو شڪار هئا، ان ڪري اسان پرائيوٽ وينڊرز کي آرڊر ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ جتي نقصان پهتو آهي اتي رليف تي وڌيڪ ڌيان ڏنو ويو آهي، جڏهن ته 23 ضلعا هن وقت پاڻي ۾ گهيريل آهن، اسان هر امدادي ڪيمپن ۾ ڊسپينسري قائم ڪري رهيا آهيون. صوبائي وزير چيو ته امدادي ڪيمپن ۾ ڳورهاري عورتون پڻ ترسيل آهن جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويندو، اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، منڇر ڍنڍ کان متاثر ٿيل هڪ لک 25 هزار آبادي پڻ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري کين خيمابستين ۾ ترسايو ويندو، جتي کين خوراڪ ۽ طبي سهولتون پڻ مهيا ڪيون وينديون. هن چيو ته اسان جي اولين ترجيح متاثرن کي ريسڪيو ۽ رليف فراهم ڪرڻ آهي، اسان عوام کي روزاني جي بنياد تي صورتحال کان آگاهه ڪنداسين، جڏهن ته وڌيڪ آبادي کي بچائڻ لاءِ سخت فيصلا ڪيا ويا آهن، منڇر ڍنڍ ۾ ڪٽ جي نتيجي ۾ سنڌ جي وڏي وزير جو پنهنجو ڳوٺ ۽ گهر پڻ متاثر ٿيو آهي. هن چيو ته جيتري به امداد مهيا ٿي رهي آهي اها اين ڊي ايم اي جي حوالي ٿي رهي آهي، جن امدادي ڪيمپن ۾ مسئلا آهن اهي حل ڪري رهيا آهيون، هي تمام وڏي قدرتي آفت آهي ڪجهه مسئلا آهن، ڊيٽا ڪليڪشن ٿي رهي آهي ڪيترو نقصان پهتو آهي. هن چيو ته اسان کي هن وقت تائين ڪٿي به انساني ڪوتاهي ڏسڻ وٽان نه ملي آهي، جيڪڏهن ڪٿي ڪٽ لڳو آهي ته ادارن کي اعتماد ۾ وٺي لڳايو ويو آهي، حڪومت جا ڪجهه فيصلا وسيع تر مفاد ۾ هوندا آهن. هن چيو ته ٻوڏ جو ريلو گذري وڃي ته پوءِ بحالي وارو ڪم شروع ڪيو ويندو، هي اسان لاءِ وڏو چيلنج آهي، تمام وڏي تباهي آئي آهي اسان کي ان تباهي مان پنهنجن ماڻهن کي ڪڍڻو آهي ۽ متاثرن جي بحالي لاءِ اسان ننڍي ۽ وڏي مدت واري پاليسي جوڙي رهيا آهيون، جنهن تحت پهرين مرحلي ۾ انفرااسٽرڪچر جي بحالي ۽ ٻئي مرحلي ۾ متاثرن جي تباهه ٿيل گهرن جو ازالو ڪرڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجن پيرن تي بيهي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button