اسلام آبادپاڪستانسنڌ

پبلڪ سروس ڪميشن درخواست ڏيندڙن جو انفرادي طور جائزو وٺي:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ايڪٽ ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف اپيلن تي شنوائي دوران اڳوڻي چيئرمين ۽ آفيسرن جون اپيلون اڪلائي ڇڏيون. جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ ٽن رڪني بئنچ شنوائي ڪئي. سپريم ڪورٽ چيو ته جن آفيسرن جي مقرري جو عمل مڪمل ٿي چڪو هو، اهو برقرار رهندو. جيڪي ميڊيڪل آفيسر مقرري کان پوءِ فرض نڀائي رهيا آهن، اهي به برقرار رهندا. سپريم ڪورٽ چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن سمورن درخواست ڏيندڙن جو انفرادي طور تي جائزو وٺي. دستياب جاين جي ميرٽ تي درخواست گذار پورو لهي ته مقرر ڪيو وڃي. سپريم ڪورٽ چيو ته پبلڪ سروس ڪميشن جو نئون قانون بڻجڻ کانپوءِ اپيلون غير موثر ٿي چڪيون آهن. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته جيڪي آفيسر ڪم ڪري رهيا هئا انهن کي ٻڌڻ بنا ئي ڪڍيو ويو. وڪيل مخدوم علي خان چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار استعمال ڪيو جيڪو آئين جي خلاف آهي. صوبائي آفيسرن جي وڪيل چيو ته هاءِ ڪورٽ کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button