اسلام آبادپاڪستانسنڌ

حڪومت متاثرن لاءِ امداد 28 ارب مان وڌائي 70 ارب ڪري ڇڏي،سنڌ لا 15 ارب جو اعلان

اسلام آباد :حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ورڇ ٿيندڙ امدادي رقم 28 ارب رپين مان وڌائي 70 ارب رپيا ڪري ڇڏي. سنڌ صوبي لا 15 ارب رپين جي گرانٽ رکي وئي آهي. وزيراعظم چيو آهي ته ڏينهن رات ليڪچر ڏيڻ وارا انهن مسئلن جا حل ڪڍن جنهن جا اهي ڪارڻ بڻيا آهن. غلطين مان سکي اسان کي آئيندي اهڙن واقعن جي روڪٿام لا قانون جي عملداري ڪرڻي پوندي.ڪالهه وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سرڪاري حج ڪوٽا، ٻوڏ متاثرن جي امداد سميت ٻين معاملن تي بحث ٿيو. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد وڌائي 28 ارب رپين مان 70 ارب ڪري ڇڏي آهي، هيل تائين 20 ارب رپيا ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايا ويا آهن. هن ٻڌايو ته 15 ارب رپين جي گرانٽ سنڌ لاءِ، 10 ارب رپين جي بلوچستان لاءِ، 3 ارب گلگت بلتستان لاءِ ۽ 10 ارب خيبر پختونخوا لاءِ آهن. سندس چوڻ هو ته فوتين جي وارثن کي 10-10 لک رپيا ڏنا پيا و ڃن، جڏهن ته في متاثر خاندان لاءِ 25 هزار رپيا رکيا ويا آهن، بي آءِ ايس پي ذريعي متاثرن کي 70 ارب رپيا پهچائينداسين. وزيراعظم چيو ته متاثر علائقن جو شروعاتي ڪاٿو 28 ارب رپيا لڳايو ويو آهي، پاڪستان ۾ موجود چيني ڪمپنين ڪروڙين رپين جا چيڪ ڏنا آهن، چين ٻه ڏينهن اڳ 400 ملين جي واڌو امداد جو اعلان ڪيو آهي. شهباز شريف موجب ورلڊ ايشين ڊولپمينٽ به اسان سان سهڪار ڪري رهي آهي، هن وقت وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. مان ميڊيا جو ٿورائتو آهيان، جنهن ان معاملي کي اجاڳر ڪيو. ڪابينا پاڪستان جي دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪ فوج جي شهيدن ۽ ٻوڏ ريلن جي ور چڙهي ويندڙن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪئي. نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) وفاقي ڪابينا کي سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ ان سان ٿيندڙ تباهي جي موجوده صورتحال ۽ وفاقي ۽ صوبائي کاتن پاران جاري ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي سرگرمين تي تفصيلي بريفنگ ڏني. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان بُري طرح متاثر ٿيا آهن، 81 ضلعن جون 6615 يونين ڪائونسلون سخت متاثر ٿيون آهن. انهن ۾ بلوچستان جا 32، سنڌ جا 23، خيبرپختونخوا جا 17، گلگت بلتستان جا 6 ۽ پنجاب جا 3 ضلعا شامل آهن. 14 جون کان هيستائين پوري پاڪستان ۾ گذريل 30 سالن جي ڀيٽ ۾ 190 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ ان جي شرح 465 سيڪڙو ۽ بلوچستان ۾ 437 سيڪڙو رهي آهي. سڄي ملڪ ۾ مرد، عورتن ۽ ٻارن سميت 1325 ماڻهو فوت ٿيا، جن ۾ سنڌ جا 522، خيبرپختونخوا جا 289، بلوچستان جا 260، پنجاب جا 189، آزاد ڄمون ڪشمير جا 42، گلگت بلتستان جا 22 ماڻهو شامل آهن، مجموعي طور تي پوري ملڪ ۾ هيستائين 12 هزار 703 ماڻهو زخمي ٿيا جن ۾ سنڌ جا 8321، پنجاب جا 3844، خيبرپختونخوا جا 348، بلوچستان جا 164، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا 21 ۽ گلگت بلتستان جا 5 ماڻهو شامل آهن. تازين تاريخي چوماسي برساتن جي ڪري سڄي ملڪ ۾ 16 لک 88 هزار گهر، 246 رابطا پليون، 5 هزار 735 ڪلوميٽر تي ٻڌل رستا ۽ 7 لک 50 هزار چوپايو مال برساتي وهڪرن جي ور چڙهي ويو. وزيراعظم ان ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪجهه علائقن جهڙوڪ سوات ۾ انساني غفلت جي ڪري تباهي آئي جتي ريور بيڊ ۾ غيرقانوني طور تي هوٽل تعمير ڪيا ويا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ئي ته اهي ريور بيڊ ۾ زمين جي استعمال بابت زونگ قانونن ۽ ضابطن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. وزيراعظم چيو ته اسان کي اهڙن معاملن تي سياست بازي کان پاسو ڪرڻ گهرجي. اين ايف آر سي سي جي عملدارن ڪابينا کي ٻڌايو ته اندازي موجب سڄي ملڪ ۾ پاڻي هيٺ زمين جو 80 کان 90 سيڪڙو ڪڻڪ جي پوکيءَ لاءِ موزون بڻائي سگهجي ٿو، ٻي صورت ۾ ملڪ ۾ خوراڪ جو شديد بحران پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي. وزيراعظم بي آءِ ايس پي جي ذريعي 12 لک ٻوڏ کان متاثر خاندانن ۾ ترجيحي بنيادن تي 25 هزار رپيا في خاندان فلڊ ريليف ڪيش جي ورڇ يقيني بڻائڻ جو اهتمام ڪيو آهي. ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم شروعاتي طور تي 28 ارب رپيا رکيا، هيستائين 20 ارب رپيا ٻوڏ کان متاثر خاندانن ۾ ورهايا ويا آهن جڏهن ته باقي 8 ارب رپيا ايندڙ ٽن ڏينهن ۾ ورهائجي ويندا، ان فلڊ ريليف ڪيش جو 55 سيڪڙو بلوچستان ۾ ورهايو ويو آهي. ڪابينا ان رقم کي شفاف طريقي سان ٻوڏ سٽيلن تائين پهچائڻ لاءِ حڪمت عملي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. وزيراعظم اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان جي ڪوششن کي ساراهيو جن ٻوڏ جي تباهين بابت ملڪي ۽ عالمي سطح تي ميڊيا تي موثر انداز سان آگاهي مهم هلائي. ان موقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال ۽ امدادي سرگرمين بابت ڪابينا کي آگاهه ڪيو. وزيراعظم ان کي يقين ڏياريو ته اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز جي گڏيل رابطي ۽ تعاون سان صوبائي حڪومتن کي ٻوڏ کان متاثر خاندانن جي لاءِ خيما ۽ مڇردانيون ترجيحي بنيادن تي مهيا ڪيون وينديون. وزيراعظم ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي ۽ سمورين پارٽين جي نمائندن جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو. وزيراعظم منصوبابندي واري وزير ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين کي فوري طور تي ڪراچي روانو ٿيڻ جو حڪم ڏنو. ان سلسلي ۾ اين ڊي ايم اي چيئرمين ڪابينا کي ٻڌايو ته هيستائين سنڌ ۾ 24 هزار خيما مهيا ڪيا ويا آهن. وفاقي ڪابينا اي سي سي جي 30 آگسٽ 2022ع جي فيصلن جي توثيق ڪئي جن ۾ اين ايڇ اي پاران بزنس پلان، جي 20 ڊيٽ سروس معطلي جي قدمن، 2 ملين ميٽرڪ ٽن تائين ڪڻڪ جي اسٽريٽجڪ ذخيرن جي ري فڪسنگ، ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنگامي امداد ۽ ايف اي ٽي ايف/ اي پي جي جائزه ٽيم جي لاڳاپيل جاين جي دورن جي خرچن ۽ انتظامن جي منظوري شامل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button