سنڌ

منڇر ڀرسان ايم اين وي کي گهارو،سئو کان وڌيڪ ڳوٺ ٻڏي ويا

منڇر بند تي ايم اين وي ڊرين کي ٽيون گهارو پئجي ويو. سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. ڪيترائي ڳوٺاڻا ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڦاٿل آهن. تفصيل موجب منڇر ڍنڍ کي ڳوٺ باغ يوسف ۽ آر ڊي 52 وٽان 2 ڪٽ لڳائڻ کانپوءِ ڪالهه اوچتو منڇر جي زيرو پوائنٽ تي ايم اين وي ڊرين کي گهارو لڳي ويو، جنهنڪري پاڻي يوسي واهڙ ۽ جعفرآباد جي 100 کان مٿي ڳوٺن کي ٻوڙيندو ڳوٺ آبساڻي تائين پهچي ويو. ٻڏي ويل ڳوٺن ۾ ڳوٺ شفيع ٿلهو، ڳوٺ يوسف جمالي، ڪورمياڻي، دائم جي مياڻي، ڳوٺ آباد، ڳوٺ روهڙي، ڳوٺ ڪنڊو خان بوزدار، ڳوٺ علي حسن شاهاڻي، ڳوٺ علي شير بروهي، ڳوٺ عبدالرحمان جمالي، ڳوٺ يوسف ٿيٻو، ڳوٺ ڏيپر، ڳوٺ رنگ، ڳوٺ آبساڻي، عرس پنهيار، رمضان پنهيار، ڳوٺ رئيس ننگر خان بروهي ۽ ٻيا ڳوٺ شامل آهن. گهاري جي پاڻي سوين ايڪڙن تي بيٺل وونئڻن جو فصل به تباهه ڪري ڇڏيو. ڳوٺ باغ يوسف ۽ آر ڊي 52 وٽان ڪٽ کانپوءِ ايم اين وي ڊرين کي گهاري کانپوءِ ڀان سيدآباد شهر پڻ ٻڏڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ ڀان سيدآباد جي سم نالي کي مضبوط ڪرڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. هوڏانهن منڇر مان ٽن هنڌن تان گهارن مان پاڻي نڪرڻ کانپوءِ منڇر جي سطح ۾ 2 انچ لاٿ آئي آهي. منڇر جي سطح 124.2 آر ايل مان گهٽجي 124 آر ايل ٿي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button