
پاڪستان جي نسيم شاهه سنسني خيز مئچ جي آخري اوور ۾ لڳاتار 2 ڇڪا هڻي افغانستان کي هڪ وڪيٽ تان شڪست جو مزو چکائي ڇڏيو، جنهن بعد ايشيا ڪپ 2022ع مان هڪ ئي ڌڪ ۾ ٻه ٽيمون ڀارت ۽ افغانستان ٻاهر ٿي ويون آهن، پاڪستان ۽ سريلنڪا فائنل لا ڪواليفا ڪري ورتو، ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 11 سيپٽمبر تي ٽرافي لا دنگل ٿيندو. شارجا ۾ کيڏيل ايشيا ڪپ سپر فور مرحلي جي اهم مئچ ۾ پاڪستاني رانديگر آخر تائين هار نه مڃي ۽ 130 رنسن جو ٽارگيٽ 20هين اوور جي ٻي بال تي پورو ڪري افغانين جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي. قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم طرفان بئٽنگ جي دعوت ڏيڻ تي افغان ٽيم مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 129 رنسون ٺاهي سگهي، جنهن ۾ ابراهيم زادران 35، حضرت الله زازئي 21 ۽ رحمان الله گرباز جون 17 رنسون شامل هيون. پاڪستاني بالرن مان حارث رئوف 2 شڪار ڪيا، جڏهن ته نسيم شاهه، محمد حسنين، محمد نواز ۽ شاداب خان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ پاڪستان انتهائي سخت مقابلي بعد 9 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري فائنل لا ڪواليفا ڪري ورتو. شاداب خان 36، افتخار احمد 30، رضوان 20، فخر زمان 5، محمد نواز 4، آصف علي 16 رنسون ٺاهي پويلين واپس موٽيا، آخري اوور ۾ پاڪستان کي کٽڻ لا اڃا 11 رنسون گهربل هيون ۽ صرف هڪ وڪيٽ جو سهارو هو، نوجوان بالر نسيم شاهه لڳاتار 2 ڇڪا هڻي افغانستان سان گڏ ڀارتي ٽيم کي به ايشيا ڪپ مان گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيو .