تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب ۾ صوبائي حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي ۽ لوٽا تيار ڪيا پيا وڃن، جن کي ڪروڙين رپين جي آڇ ٿي رهي آهي. چشتيان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته پنجاب ۾ حڪومت ڪيرائڻ لا مسٽر ايڪس ۽ مسٽر وا به تيار ٿي ويا آهن، جيڪي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته جيڪڏهن توهان ٻئي پاسي نه ويا ته هي ڪري ڇڏينداسين هو ڪري ڇڏينداسين. عمران خان وڌيڪ چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي جماعت تحريڪ انصاف کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، اسان جي ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، هنن جي ڪوشش آهي ته ڪهڙي به نموني پنجاب حڪومت واپس ملي وڃي، مون کي چيو پيو وڃي ته مان ٻوڏ متاثرن لا ڪم ڪريان، مان ۽ منهنجي پارٽي اهو ڪم ضرور ڪندي ۽ حڪومت کان به ڪرائيندي پر حقيقي آزادي لا به منهنجي جدوجهد جاري رهندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close