گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پنهنجي پاڪستان ياترا دوران عالمي برادري کان ٻوڏ متاثرن جي وڏي پئماني تي امداد لاءِ اپيل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. چيني خابرو اداري جي رپورٽ موجب گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر نيويارڪ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي انتونيو گوتريس چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي آبادي جو ٽيون حصو متاثر ٿيو آهي ۽ مان عوام سان يڪجهتي جي اظهار ۽ عالمي برادري کان وڏي پئماني تي مدد جي اپيل لاءِ پاڪستان وڃي رهيو آهيان، ڇاڪاڻ ته هن وقت پاڪستان کي عالمي برادري جي ڀرپور مدد جي ضرورت آهي. هن چيو ته هو عالمي برادري کان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري امداد جي اپيل ڪري رهيو آهي، هن وقت يوڪرين جنگ تي وڌيڪ ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته ماڻهن کان اها اصل جنگ وسري وئي آهي ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ئي اصل جنگ آهي. هن چيو ته پاڪستان، چاڊ ۽ آفريقا جيڪي سوڪهڙي جو شڪار آهن اتي هن وقت سڀ کان وڏو خطرو موسمياتي تبديلين جو اثر آهي، جنهن کي منهن ڏيڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته جنهن صورتحال کي پاڪستان منهن ڏئي رهيو آهي اها سڀاڻي ڪنهن ٻئي ملڪ سان به پيش اچي سگهي ٿي. هن چيو ته موسمياتي تبديليون هن دور جو سڀ کان وڏو ۽ اهم مسئلو آهن ۽ ان کي عام مسئلو سمجهي عام انداز سان حل ڪرڻ جي سوچ خودڪشي هوندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close