وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس پٽ حمزا ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي. لاهور جي ايف آءِ اي اسپيشل سينٽرل عدالت وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزا شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس تي شنوائي ڪئي. پنجاب جو اڳوڻو وڏو وزير حمزا شهباز عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف جي پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڏني وئي. ايف آءِ اي جي اسپيشل سينٽرل عدالت بريت جي درخواستن تي ايف آءِ اي کان 17 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو. شنوائي دوران وزيراعظم جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏيندي چيو ته ٻوڏ جي صورتحال اوهان جي سامهون آهي، ٻوڏ سبب متاثر ٿيندڙ علائقن جي دوري سبب وزيراعظم شهباز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿي سگهيو آهي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا شهباز شريف 10 منٽن لاءِ به پيش نٿو ٿي سگهي، عدالت مهيني جي تاريخ ڏني ان باوجود هو پيش نه ٿيو، هي ڪيس ڪهڙو روزاني بنيادن تي هلي رهيو آهي، جنهن بعد عدالت وزيراعظم جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close