اسلام آبادپاڪستان

عمران خان پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو:شهبازشريف

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته عمران خان آئي ايم ايف معاهدي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ چاهي ٿو. عالمي سطح تي مشهور اڪانومسٽ ۾ ڇپيل ٻن خبرن عمران نيازي بابت جيڪو ڪجهه اسان چئي رهيا آهيون، ان جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر ۾ پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پنهنجي تازي شماري ۾ مئگزين لکيو آهي ته عمران نيازي آئي ايم ايف سان معاهدي جا بکيا اڊيڙي ڇڏيا. عمران نيازي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ لاءِ هي تباهه ڪندڙ عمل مان فائدو وٺي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته عمران نيازي پاڪستان کي ڪمزور ڪري رهيو آهي. ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪا پاران مسلسل تعاون، يڪجهتي ۽ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امداد انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان گڏيل سيڪيورٽي، صحت، موسمياتي تبديلين، واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آمريڪي پرڏيهي وزير جي سينيئر پاليسي صلاحڪار ڊيرڪ چوليٽ سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ڪالهه خميس ڏينهن هتي ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊيرڪ چوليٽ پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيندڙ قيمتي جانين جي زيان تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ڊيرڪ چوليٽ جو هن مشڪل وقت ۾ جڏهن ته پاڪستاني تاريخ جي سڀ کان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کان بري طرح متاثر آهي، دورو ڪرڻ تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان موقعي تي آگاهه ڪيو ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ان آفت سان هيستائين متاثر ٿيا آهن. جڏهن ته 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. ان سان گڏوگڏ زراعت، چوپائي مال، ملڪيتن ۽ اهم انفراسٽرڪچر کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم چيو ته آلوده پاڻي جي استعمال سان پيدا ٿيندڙ بيمارين جو ممڪن ڦهلاءُ پڻ ڳڻتي جوڳي صورتحال اختيار ڪري سگهي ٿو. حڪومت ان تباهي آڻيندڙ صورتحال ۾ ترجيحي بنيادن تي ريسڪيو ۽ ريليف آپريشن ۾ پوري طرح مصروف آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button