اسلام آباد : سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثر ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن لاءِ هڪ خاص غذائي نمونو متعارف ڪرايو پيو وڃي. ان ڏس ۾ وفاقي حڪومت ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن لاءِ خاص غذائي ساشي متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. صحت واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته غذائي ساشي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ موجود غذائي کوٽ جو شڪار ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن کي فراهم ڪيا ويندا. اهي ساشي ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن لاءِ ضروري منرلز ۽ ضروري غذائي جزن سان ڀرپور هوندا، اهو ساشي ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو استعمال ڪري سگهبو. ذريعن موجب اهي ساشي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي سهڪار سان مرحليوار ڏنا ويندا. پهرئين مرحلي ۾ 4 مخصوص ضلعن جي 4 لک عورتن ۽ ٻارن کي طبي معائني کانپوءِ غذائي ساشي فراهم ٿيندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته هر فرد کي 7 غذائي ساشي فراهم ڪيا ويندا، هيلٿ ورڪرز غذائي کوٽ جي جاچ لاءِ ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن جي قد، ڏورن جي ماپ ڪنديون. ذريعن موجب پهرئين مرحلي ۾ 4 لک غذائي ساشي مان 30 سيڪڙو سنڌ، 25 سيڪڙو بلوچستان، 15 سيڪڙو خيبر پختونخوا، 15 سيڪڙو پنجاب، باقي 15 سيڪڙو آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ اسلام آباد ۾ ورهايا ويندا. ڳورهاري عورتن ۽ ٻارن لاءِ غذائي ساشي عالمي اداري يونيسيف طرفان فراهم ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته مقامي سطح تي تيار ڪيل ساشي به فراهم ڪيا ويندا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close