اسلام آبادبلوچستانپاڪستان

وزيراعظم جي ڪميٽي ڪوئيٽا پهتي،گم ماڻهن بابت ڌرڻو ختم

اسلام آباد : وزيراعظم شهبازشريف جي گم ماڻهن لاءِ قائم ڪميٽي ڪوئيٽا جو دورو ڪيو. ان دوران ڪميٽي جي خاطري تي گم ٿيل ماڻهن جي گهرڀاتين 50 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو. تفصيل مطابق غائب ماڻهن جي گهرڀاتين ريڊ زون ڪوئيٽا ۾ ڌرڻو هنيو هو. قانون وارو وزير بئريسٽر اعظم نذير تارڙ، گهرو وزير راڻا ثناءُالله، شازيا مري، آغا حسن بلوچ، بئريسٽر ڪامران مرتضيٰ ڪميٽي ۾ شامل هئا. وزيراعظم جي هدايت تي ڪميٽي جي ميمبرن ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون. وزيراعظم جي جوڙيل ڪميٽي جي خاطري تي ڌرڻو ختم ڪيو ويو، ڪميٽي ميمبرن ڌرڻو ختم ڪرڻ تي غائب ماڻهن جي وارثن جو شڪريو ادا ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button