اسلام آبادپاڪستان

لانگ مارچ ختم ڪرڻ لا سعد رضوي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن:گهرو وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ پاڪستان سان ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا. لانگ مارچ ختم ڪرڻ لا ٽي ايل پي سربراهه سعد رضوي سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ قومي سلامتي جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽي ايل پي جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ شيخ رشيد چيو ته ڳالهين جا دروازا بند ناهن ٿيا پر رياست جي رٽ کي هر حال ۾ قائم رکيو ويندو. خواهش آهي ته معاملا سٺي طريقي سان حل ٿي وڃن، حڪومت کي ماڻهن جي جان ۽ ملڪيت جي حفاظت کي يقيني بڻائڻو آهي. وفاقي وزير چيو ته جيڪي ڳالهيون ڪيون ۽ صحيحون ڪيون انهن تي قائم آهيون، پابندي مڙهيل تنظيم وارن واعدو ڪيو هو ته جي ڊي روڊ کولينداسين. جيڪڏهن شام جو اسان جون انهن سان ڪي ڳالهيون ٿين ٿيون ۽ ڪنهن نتيجي تي پهچون ٿا ته توهان کي ٻڌائينداسين. وزيراعظم سڀاڻي يا ٻئي ڏينهن قوم کي خطاب ڪندو، وزيراعظم جي تقرير سڄي حڪومت جو موقف هوندو. هن چيو ته جشن عيد ميلاد النبي صه جي جلوس کي ڌرڻي ۾ تبديل ڪيو ويو. جي ٽي روڊ جي چوڌاري رهائشي، اسڪول ۽ ڪاليج متاثر ٿي رهيا آهن. 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن، 80 کان مٿي اهلڪارن کي گوليون لڳيون آهن. جڏهن ملڪي فورس تي گوليون هلايون وينديون آهن ته اهڙي حالتن ۾ پوليس کي رينجرز جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button