پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ ۾ فصل ڀيلائيندڙ بااثرن خلاف ڌرڻو، ٻار کي گم ڪرڻ جو الزام

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ ڳوٺ ڪنڀاريو جي درس سميت مختلف برادرين جي ماڻهن وريام درس،الطاف، بهادر، صدر، ممتاز، لياقت، انور، غمشاد علي، پريمون ڀيل، ارجن، ڦوٽو ۽ ٻين ٻئي ڏينهن به پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري شام جي وقت ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي الزام هڻندي چيو ته ڳوٺ جي سمان بااثر وڏيرن ۽ ساٿين هڪ ڏينهن اڳ لٺين ۽ ڪهاڙين سان هلان ڪري پورهيت وريام درس جي ٻني کي ڀيلائڻ بعد سندس معصوم پٽ اعظم علي کي کنڀي ورتو، جنهن کي گم ڪيو ويو آهي، اسان ٻن ڏينهن کان بااثرن جي ظلم خلاف احتجاج ڪريون پيا، پر پوليس شڪايتن باوجود بااثرن جي ونگاري بڻجي خاموش تماشو ڏسي رهي آهي، معصوم ٻار ٻن ڏينهن کان لاپتا آهي، جنهن سبب مائٽ پريشان آهن، بااثر جوابدار سرعام ڪارروائي ڪري گهمي رهيا آهن، پر قانون خاموش نظر اچي رهيو آهي. هنن چيو ته بااثرن زيادتي ڪرڻ بعد لٺيون هٿن ۾ کڻي جشن ملهائي وڊيو ڀري وائرل ڪئي، ٻن ڏينهن کان پورهيت سميت ڳوٺ جي مختلف برادرين جا ماڻهو دانهون ڪن پيا، پر ڪير دانهن نٿو ٻڌي. هنن گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي معصوم اعظم کي بازياب ڪرائي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسلام ڪوٽ پوليس موجب احتجاج ڪندڙ ٻار جي گم ٿيڻ وارو اجايو الزام هڻي رهيا آهن، ڌرين ۾ گئوچر جي زمين پوکڻ تان تڪرار هلندڙ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button