پاڪستانسنڌ

ڊگهڙي لڳ گيسٽرو ورتل ٻوڏ متاثر نينگري علاج نه ٿيڻ سبب فوت

ڊگھڙي: ڊگهڙي ڀرسان ڳوٺ ميهار ڪپري ۾ غربت سبب علاج نه ڪرائي سگهندڙ برسات متاثر حڪيم ڪپري جي نياڻي 14 ورهين جي آمي ڪپري گيسٽرو وگهي فوت ٿي وئي. ان سلسلي ۾ وارثن ٻڌايو ته برساتن ۾ اسان جا اجها ڪري پيا ۽ فصل لڙهي ويا. آمي کي گذريل رات کان الٽيون ۽ جلاب شروع ٿي پيا، غربت سبب پئسو نه هئڻ ڪري علاج نه ڪرائي سگهياسين ۽ معصوم نياڻي اکين اڳيان ڏسندي ئي ڏسندي فوت ٿي وئي. هنن چيو ته تازو آيل برساتن اسان جو ڪجهھ به نه ڇڏيو، انتظاميا مان اسان جي ڪير به سار لهڻ لا نه پهتو، اسان سميت سمورو ڳوٺ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهي، معصوم ٻار بکون ڪاٽي رهيا آهن، گهرن ڀرسان گذرندڙ شاخ جو گندو پاڻي واپرايون ٿا، جنهن ۾ اڪثر ڪري مٿان کان مئل ڍور ۽ ڪتا ترندي ايندا آهن، گندو پاڻي واپرائڻ جي ڪري اڄ نياڻي تڙپي تڙپي دم ڏنو. هنن چيو ته برساتن کي 20 ڏينهن گذرڻ باوجود ڪنهن به راشن يا ٻيو سامان ناهي ڏنو، بيمارن جي علاج لا ڪا ٽيم ناهي پهتي، نه ئي ڪو چونڊيل نمائندو سار لهڻ آيو آهي. هنن ڪمشنر ميرپورخاص کان مطالبو ڪيو ته اسان سان ٿيندڙ ظلم ۽ انتظاميا جي خاموشي جو نوٽيس وٺي سهائتا ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button