اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

تيل مهانگو ڪرڻ واري تجويز رد،اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه پي ايم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عوامي رليف لاءِ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي. پڌرائي موجب اوگرا پيٽروليم جي وڌندڙ عالمي قيمتن جي ڪري ملڪ اندر به پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جي تجويز پيش ڪئي هئي، پر وزيراعظم تجويز ڪيل واڌ رد ڪندي پيٽروليم شين جون ساڳيون قيمتون برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو. پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار عوام تي وجهڻ بدران عوامي رليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي، تنهن ڪري پيٽروليم شين جي اگهن ۾ اوگرا جي تجويز ڪيل واڌ کي رد ڪري حڪومت ان اضافي جو بار پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button