اسلام آبادپاڪستان

کنڊ ملڪي تاريخ ۾ سڀ کان مهانگي ٿي وئي،120 رپيا ڪلو وڪرو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)سڄي ملڪ ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومتي دور ۾ عام کاڌي وارين شين مان کنڊ جو اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي. ان حوالي سان ڪالهه ڳڻپ واري اداري مختلف شهرن ۾ کنڊ جي وڪري جي قيمت جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ 120 رپيا في ڪلو کپي رهي آهي، شهري سرڪاري ريٽيل قيمت کان 25 کان 30 رپيا مهانگي کنڊ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن. جڏهن ته حڪومت طرفان مقرر ڪيل کنڊ جي ريٽيل قيمت 89 رپيا 75 پئسا آهي پر اوپن مارڪيٽ ۾ کنڊ 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي. ڳڻپ واري اداري موجب ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ 90 کان 120 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي. ڪراچي، ڪوئيٽا، خضدار، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ گوجرانوالا ۾ کنڊ جي قيمت 120 رپيا في ڪلو آهي. جڏهن ته پشاور ۽ بنون ۾ کنڊ 118 رپيا في ڪلو، فيصل آباد ۾ 115 رپيا في ڪلو ۽ اسلام آباد ۾ 110 رپيا في ڪلو ملي رهي آهي. لاهور، سيالڪوٽ، راولپنڊي، ملتان، بهاولپور ۽ سرگوڌا ۾ في ڪلو کنڊ جي قيمت 90 رپين تائين آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button