اسلام آبادپاڪستان

اين سي او سي جو ويڪسين ڪرائيندڙ شهرن ۾ معاملا معمول تي آڻڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪرونا ويڪسينيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شهرن ۾ زندگي جا معاملا معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت 60 سيڪڙو ويڪسينيشن وارن شهرن مان پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪرونا ۽ شهرن ۾ ويڪسينيشن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اين سي او سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويڪسينيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شهرن ۾ زندگي جا معاملا معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button