پاڪستانسنڌ

صحافت ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن: بلاول

ڪراچي: پي پي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزاد صحافت ۽ راءِ جي اظهار جي آزادي تي حملا ٿي رهيا آهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جمهوريت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته جمهوريت ئي ناانصافي ۽ اڻبرابري سان وڙهڻ جو هڪ بهترين هٿيار آهي مفاد پرستن پاران ڊس انفارميشن ڦهلائڻ هڪ روايت بڻجندي پئي وڃي. پي پي چيئرمين چيو ته ڏڦيڙ پکيڙيدڙ جمهوري نظام لاءِ وڏو خطرو آهن برابري اتحاد ۽ ٻڌي جي جمهوري اصولن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. پيپلزپارٽي هميشه پاڪستاني عوام جي جمهوري اميدن جي پورائي جي جدوجهد ۾ سڀ کان اڳتي رهي آهي. شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو شهادتون ماڻيون آهن بلاول ڀٽو چيو ته ون مين ون ووٽ جو حق وزيراعظم شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو متعارف ڪرايوهو ۽ انهيءَ 1973 جي آئين جي ذريعي ئي پاڪستان ۾ گهڻ رکي جمهوريت جو بنياد رکيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button