پاڪستانسنڌ

سمنڊ جي سطح هر سال وڌي پئي، پاڪستان سنگين نتيجا ڀوڳي پيو: اسماعيل راهو

ڪراچي: سنڌ جي ماحوليات واري صوبائي وزير اسماعيل راهو موسمياتي تبديلين جي اثرن بابت چيو آھي ته سنڌ جي انڊس ڊيلٽا ۾ سمنڊ جي سطح هر سال 4 ملي ميٽر بلند ٿي رهي آهي، ٺٽي، سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي ۾ سمنڊ 67 ڪلوميٽرن تائين زمين کي ناقابل پوکي بڻائي ڇڏيو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين جا سنگين نتيجا ڀوڳي رهيو آهي، جنهن جو مثال تازو پيل برساتن ۽ ٻوڏ مان لڳائي سگهجي ٿو. تازو پيل برساتن ۽ ٻوڏ سوين جانيون ضايع ڪري ڇڏيون آهن ۽ کربين روپين جو انفرااسٽرڪچر تباهه ڪيو آهي. اسماعيل راھو ڪالهه پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ وڌيڪ چيو ته موسمياتي تبديلين سبب لکين ماڻهو لڏپلاڻ تي مجبور آهن، ماحولياتي آلودگي سبب پاڪستان ڪڏهن ٻوڏن ۽ڪڏهن ڏڪار جو شڪار ٿي رھيو آهي، پاڪستان کي ايندڙ وقتن ۾ صحت، خوراڪ جي کوٽ، صاف پاڻي جي کوٽ ۽ معاشي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو.

اسماعيل راهو چيو ته ترقي يافته ملڪن ۾ تيز صنعتي پيداوار سبب موسمياتي تبديلين جي شدت وڌي رهي آهي، ان جا خوفناڪ اثر ترقي پذير ملڪن تي پئجي رهيا آهن، 21 هين صدي ۾ ڌرتيءَ لاءِ سڀ کان وڏو خطرو موسمياتي تبديلي آهي، هن وقت صنعتي پيداوار رکندڙ ترقي يافته ملڪن کي ان خطري کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ جي سخت ضرورت آهي. اسماعيل راھو دعوى ڪئي ته موسمياتي تبديلين سبب سنڌ جي 350 ڪلوميٽر ساحلي پٽي سخت متاثر ٿي رهي آهي، پاڻي کوٽ سبب سنڌ جي لکين ايڪڙ زرعي زمين سمنڊ کائي چڪو آھي، موسمياتي تبديلين سبب سمنڊ جي سطح آھسته آھسته سان وڌي رهي آهي. ھن چيو ته سال 1850ع کان 2000ع تائين 150 سالن ۾ سمنڊ جي سطح ۾ ھر سال هڪ ڏهائي هڪ ملي ميٽر واڌ ٿيندي رھي، موسمياتي تبديلين سبب اهو واڌارو ساليانو 3 ملي ميٽر تائين پهچي ويو آهي، دنيا کي پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباھي جي نقصانن کي گهٽائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button