اسلام آبادپاڪستان

سرنديءَ وارن کي اپيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان وڌن:وزيراعظم

اسلام آباد :وزيراعظم شهباز شريف سرنديءَ وارن کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ اڳيان وڌن، ننڍن ٻارن کي خوراڪ جي گهڻي ضرورت آهي. ٿڌ جي موسم لاءِ بسترن ۽ گرم ڪپڙن جي ضرورت آهي. سنڌ ۾ پاڻي آهستي آهستي گهٽجي رهيو آهي، پر اندازو آهي ته 6 مهينا لڳي سگهن ٿا. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻي رهيون آهن، متاثرن ۾ 25 هزار رپيا في ماڻهو جي حساب سان 30 ارب رپيا هن وقت تائين ورهائجي چڪا آهن. بجلي جو ٻن مهينن جو بل معاف ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن برطانيا روانگي کان اڳ نور خان ايئر بيس تي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي حوالي سان جائزي واري اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته هن سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي چين، ترڪي، ايران ۽ وچ ايشيا جي سربراهن سان ملاقاتن ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد تي انهن جو ٿورو مڃيو. جڏهن ته انهن ملڪن جي سربراهن طرفان وڌيڪ امداد جي آڇ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته انهن سربراهن کي حڪومت طرفان ٻوڏ متاثرن جي ريسڪيو ۽ بحالي جي ڪمن کان آگاهه ڪيو آهي. کين ٻڌايو آهي ته پنهنجي وسيلن سان اربين رپيا خرچ ڪري رهيا آهيون، متاثر ڪٽنبن کي 25 هزار رپيا في ماڻهو ڏئي رهيا آهيون. ان لاءِ وفاقي حڪومت 70 ارب رپيا مخصوص ڪيا آهن جن مان 30 ارب رپيا ورهائجي چڪا آهن. اها رقم عالمي سطح تي ناليواري ساک رکندڙ اداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي شفاف طريقي سان ورهائي پئي وڃي. ان سان گڏوگڏ نقصانن جو گڏيل سروي پڻ ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪو به حقدار حق کان محروم نه رهي. ان کان علاوه متاثرن جي آبادڪاري ۽ بجلي جي بلن جي معافي جي حوالي سان حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته صوبائي حڪومتون پڻ بحالي جي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺي رهيون آهن. هن چيو ته متاثر علائقن ۾ سمورا ادارا صوبائي حڪومتن سان ملي ڪم ڪري رهيا آهن. مملڪتي سربراهن کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ نون ڄاول ٻارن جي لاءِ خوراڪ جي شديد کوٽ آهي، انهي لاءِ سرندي وارن کي اپيل آهي ته هو ٻارن جي غذا ۽ سردي جي موسم لاءِ گرم ڪپڙا ۽ بسترا فراهم ڪن. هي ماڻهو اهي شيون اين جي اوز، وفاقي ۽ صوبائي ادارن، فوج، ۽ ٻين رليف ڪيمپن ۾ فراهم ڪري سگهن ٿا. تازن نون ڄاول ٻارن جي غذا جي جنگي بنيادن تي ضرورت آهي. اهي ٻار لکن جي تعداد ۾ آهن. هي تمام وڏي انسانيت جي خدمت هوندي، سرندي جي موسم ۾ لکين متاثر کليل آسمان هيٺ اسان جي مدد جا منتظر آهن. پاڪستان ۾ رهندڙ سرندي وارن ماڻهن کي گذارش آهي ته هو قرآن ۽ سنت جي پيروي ڪندي پنهنجي متاثر ڀائرن جي مدد ڪن جنهن تي سموري قوم انهن جي ٿورائتي رهندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button