عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ضلعي جي پوليس اٽالن فنڪشنل ليگ جي چيئرمين عارف مھر جي ڳوٺ شريف مھر تي چڙھائي ڪري پاڻي نيڪال ڪندڙ مشينون پٽرائي ڇڏيون. 10 موبائيلن ۾ سوار پوليس اهلڪار پاڻي واريون مشينون پاڻ سان کڻي روانا ٿي ويا، اھڙي ظلم خلاف ڳوٺاڻن عارف مھر، شريف مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، هنن پوليس ۽ آبپاشي اختيارين ۽ سياسي انتقامي ڪارروائي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي يوسي ميان جان محمد جي چونڊيل چيئرمين عارف مھر ۽ ٻين چيو ته حڪومتي بااثر سياستدانن جي چرچ تي اسان خلاف ڪيس به داخل ڪيو ويو آھي، پوليس ونگاري بڻجي اسان کي پنھنجي ئي ڳوٺ مان پاڻي ڪڍڻ نٿي ڏي، جنھن جي ڊي سي عمرڪوٽ پاران مليل لکت ۾ اجازت جا ثبوت به موجود آھن، اسان جي ڳوٺ جي مسجد، اسڪول ۽ پيئڻ جي پاڻي جو تلا به برساتي پاڻي سان ڀريل آهن، اسان خلاف انتقامي ڪاررايون ٿي رهيون آهن، پيرپاڳاري جا مريد هجڻ سبب نشانو بڻايو پيو وڃي. اسان کي اڳ به ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويو هو، پر ڪورٽ انصاف ڪيو، هاڻ به اسان کي اميد آهي ته اسان کي ڪورٽ مان انصاف ملندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close