سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران وڌي ويو، ڪراچي ۾ في ڪلو اگهه 125 مان وڌي 130 رپيا ٿي ويو، جنهن سبب غريب عوام لاءِ ٻارڙن کي پيٽ ڀري ماني کارائڻ به ڏکيو ٿي پيو آهي. مليل ڄاڻ موجب سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي ۾ اٽي جو في ڪلو اگهه 130 رپين تائين پهچڻ ڪري شهرين کان دانهون نڪري ويون آهن، ڪڻڪ جي بحران به شهرين جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن، اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي قيمت وڌي ته چڪي جي مالڪن به اٽي جون قيمتون چوٽ چاڙهي ڇڏيون، ڪراچي ۾ اٽو ملڪ جي ٻين سڀني شهرن مان سڀ کان مهانگو وڪرو ٿي رهيو آهي، لاهور ۾ 110 کان 116 رپين ۾ هڪ ڪلو اٽو دستياب آهي، اسلام آباد ۾ 125 رپيا، ڪوئيٽا ۾ 120 رپيا، پشاور ۾ 20 ڪلو اٽي وارو ٿيلهو 2250 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته اگهه ۾ اڃا به واڌ جو امڪان آهي. ملتان ۾ ضلعي انتظاميا ذخيرو ڪندڙن خلاف ڇاپا هڻي 10 کان وڌيڪ گودام ۽ اٽي چڪين کي سيل ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي طرف پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو اجازت نامو جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن جي چيئرمين چوڌري عامر ٻڌايو ته اوپن مارڪيٽ ۾ 100 ڪلو ڪڻڪ 9100 کان 9200 رپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، جڏهن ته فلور ملز جا مالڪ ٻڌي اگهه ۾ في ڪلوگرام اٽو 105 کان 106 رپين ۾ فراهم ڪري رهيا آهن، مهينو اڳ ڪڻڪ جي في 100 ڪلو قيمت 7800 رپيا هئي، جڏهن ته في ڪلو اٽي جي قيمت 82 رپيا هئي پر هاڻي 100 ڪلوگرام ڪڻڪ 1400 رپيا مهانگي اگهه تي ملي رهي آهي. هن چيو ته مقامي اوپن مارڪيٽ ۾ مقامي ضرورتن مطابق ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن پر نفعي خور ٻوڏ سبب ڪڻڪ جي پوکي ۾ امڪاني رنڊڪ جي ڪري ڪڻڪ ۾ سٽي بازي ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن حڪومت فلور ملز کي ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ته ڪڻڪ ۾ سٽي بازي ۽ ذخيرو ڪرڻ وارو عمل نه رڳو بند ٿي ويندو پر ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ به گهٽتائي ٿي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close