ٽنڊوآدم: ٽنڊوآدم جا ٽھل آباد، وشن آباد ۽ جمن شاهه وارا علائقا هڪ مهيني کان گندي پاڻي ۾ ٻڏل آهن، جنهن خلاف عورتن ۽ ٻارن شمع چانڊيو، زھره خاصخيلي، روزينه شيدي ۽ امجد خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي. عورتن چيو ته اسان جا علائقا هڪ مهيني کان گندي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، ڪيترائي رهواسي ڪئمپن ۽ مائٽن وٽ ترسيل آھن، جنهن سبب عذاب ۾ آهيون، گندي پاڻي سبب بيماريون وڌي رھيون آھن. هنجورڻ ڍنڍ ۽ برساتن اسان جي علائقن ۾ تباهي ڪئي آهي، پر انتظاميا ڪا مدد نٿي ڪري. هنن ضلعي انتظاميا کان گهر ڪئي ته پاڻي ڪڍرائي سرڪاري امداد ڏني وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close