
اسلام آباد: صحت واري وفاقي وزير قادر پٽيل چيو آهي ته عمران خان سدا جو بي گهر آهي ۽ رستي تي ڀٽڪندو ئي رهندو، اسان لاءِ برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي بحال ڪرڻ اهم آهي، انشا الله متاثر ٻيهر پنهنجي گهرن ۾ وڃي آباد ٿيندا، پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته شيخ رشيد کي رڙيون ڪرڻ جو پراڻو مرض آهي، عمران خان جي ٽيليٿون متاثرن لاءِ نه پر انتشار ڦهلائڻ لاءِ آهي.