
اسلام آباد: صحت جي قومي اداري (اين آئي ايڇ) چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا وائرس جا 42 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. قومي صحت واري اداري طرفان گذريل ڏينهن تي جاري ٽوئيٽ مطابق سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 8 هزار 30 ڪرونا ٽيسٽ ڪيا ويا. جن مان 42 ماڻهن جا ڪرونا ٽيسٽ مثبت آيا آهن. جن جي ڪيسن جي مثبت شرح 0 ڏهائي 52 سيڪڙو رهي، ان دوران ڪرونا وائرس سبب ڪوبه مريض اجل جو شڪار ناهي ٿيو، جڏهن ته 37 ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.