اسلام آبادپاڪستان

پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ واپار ۾ واڌ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي: صدر علوي

اسلام آباد: صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپار ۾ اضافي تي ڌيان ڇڪرائيندي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيه لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد سان ڳالهائيندي ڪئي، جنهن ڪالهه اڱاري ڏينهن هتي ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر نامزد سفير کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان ترڪيه سان ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته شين جي واپار جي معاهدي تي صحيحن سان وچولي مدي ۾ 5 ملين ڊالر جو ٻطرفو واپاري هدف حاصل ڪرڻ جي راهه هموار ٿيندي.

هن سڄي دنيا ۽ خاص طور تي هندستان ۾ جتي مسلمانن کي روزاني جي بنياد تي هراسان ڪيو پيو وڃي، اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي لاءِ ترڪيه جي حمايت جو اعتراف ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تي ترڪيه پاران پاڪستان جي حمايت تي به ٿورا مڃيا ۽ نامزد سفير کي چيو ته هو ترڪيه کي انهن جذبن کان آگاهه ڪري. صدر نامزد سفير کي يقين ڏياريو ته پاڪستان ترڪيه جي بنيادي اشو تي ان جي حمايت لاءِ پرعزم آهي. پاڪستان جي ترڪيه سان لاڳاپن جي قيام کانپوءِ هي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مجموعي طور تي 190 کان وڌيڪ معاهدن/مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button