ڪراچي: صوبائي وزير اطلاعات شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عمران خان وٽ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان موجود ئي ناهن، ھن ڪجھه ڏينهن اڳ چڪوال جلسي ۾ بيھودا ٻولي استعمال ڪئي آهي. بزدل شخص ۾ ايتري همت ناهي ته مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ جو نالو وٺي سگهي، ان تي سندس پگهر ئي نڪري وڃي ٿو. هي شخص ادارن ۽ ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته هو چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ ٻين ادارن کي اپيل ٿا ڪن ته هن شخص جي حرڪتن جو نوٽيس ورتو وڃي. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن مخالف ڌر چيو ته فلاڻي کي آءِ جي ۽ فلاڻي کي ڊي جي لڳايو وڃي. هن شخص اسيمبليءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. رڳو جلسن ۽ ڪنسرٽ ۾ ويهي ڪري شخص چوي ته آرمي چيف ھن جي مرضي جو مقرر ڪيو وڃي، اھو ٿي نه ٿو سگهي. ڪيتريون ئي مذهبي جماعتون آهن، جيڪي ھن کان ٽي ڀيرا وڏا جلسا ڪري سگهن ٿيون، پوءِ اھي به اهڙا مطالبا جلسن جي بنياد تي ڪرڻ شروع ڪن، پوءِ ڇاٿيندو؟ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڪنهن به قسم جي ٽڪراءَ جي حق ۾ ناهي. جيڪڏهن ٽڪراءُ ٿيو ته پي ٽي آءِ پڇ دٻائي ڀڄي ويندي. هنن وٽ ايم آر ڊي جهڙي جدوجهد ڪرڻ جي طاقت ناهي، هي ڪنسرٽ واري پارٽي آهي. هن چيو ته ٽڪراءُ نه ٿئي ته ملڪ، عوام ۽ قوم لاءِ بهتر آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته عمران خان وٽ پاڪستان جو جيڪو نقشو آهي ان ۾ سنڌ ۽ بلوچستان شامل ئي ناھن. عمران خان جنهن پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، سمجهي ٿو ته جتي به پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي، اهو پاڪستان جو حصو آهي. جن صوبن ۾ پي ٽي آئي جي حڪومت ناهي، عمران خان سمجهي ٿو ته اهي پاڪستان جو حصو ئي ناهن، هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي نالي تي ڪوڙي ٽيليٿون ۽ چندا گڏ ڪرڻ جي ڪوڙي مهم هلائي وئي، اهو رڳو ڏيکاءَ لاءِ ڪيو ويو، جيتريون دعوائون ڪيون ويون، ايترا پيسا ھنن کي نه مليا آهن. چندي ۾ جيڪي به پئسا پي ٽي آئي کي مليا، عمران خان چوي ٿو ته هو ڪي پي ڪي جي وڏي وزير يا پنجاب جي وڏي وزير جي اڪائونٽ ۾ وجھندو. ڇا سنڌ جا ماڻهو انسان ناهن؟ هن چيو ته عمران خان جي جيتري به سياست رهي آهي، اينٽي سنڌ رهي آهي، جيترو عرصو عمران خان اقتدار ۾ رهيو، سنڌ جو هڪ روڊ وفاقي ترقياتي پروگرام ۾ نه ٺاهيو. هن شخص سنڌ ۾ هڪ رات به نه گذاري،
هن چيو ته عمران خان جي پاليسي منافقت ڏانهن وڃي رهي آهي، هن کي عوام جي ڪابه پرواهه ناهي، هي شخص ڪرسي جي حوس ۽ لالچ ۾ حدون پار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان رڳو سوشل ميڊيا جي زور تي کيڏي رهيو آهي، ھن وٽ حقيقي عوامي طاقت ناهي، هڪ طرف ماڻهو ٻڏي رهيا آهن ته ٻئي طرف ڪنٽينر تي ويهي ناچ ۽ گانا هلي رهيا آهن، هي ماڻهو ان ٽچ ايبل بڻيل آهي. هن سموريون ريڊ لائينون ڪراس ڪيون آهن، ملڪ جو ڪوبه ادارو ايڪشن نٿو وٺي. هي شخص سمورن رياستي ادارن جي سربراهن کي تڪراري بڻائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. هن چيو ته هن وقت سنڌ حڪومت برسات ۽ ٻوڏ جي پاڻي جي نيڪال تي فوڪس ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻوڏ متاثرن کي طبي امداد فراهم ڪرڻ تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پاڻي جمع ٿيڻ سان مختلف بيماريون پکڙجن ٿيون. هن چيو ته گڊو بيراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 17 هزار 500 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته اخراج 1 لک 9 هزار 800 ڪيوسڪ آهي. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 1 لک 34 هزار 400 ڪيوسڪ آهي ۽ اخراج 1 لک 24 هزار 300 ڪيوسڪ آهي. هن چيو ته ڪوٽري بيراج تي پاڻي جي آمد 2 لک 45 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ اخراج 2 لک 12 هزار 200 ڪيوسڪ آهي.
هن چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن سان 707 ماڻهن جي قيمتي جانين جو نقصان ٿيو آهي ۽ 8422 ماڻهون مختلف واقعن ۾ زخمي ٿيا آهن. مجموعي طور تي 1 ڪروڙ 92 لک 4 هزار 9 سو 32 ماڻهن تي مشتمل آبادي متاثر ٿي آهي ۽ 20 لک 93 هزار 451 خاندان متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 72 لک 48 هزار 66 ماڻهو بي گهر ٿيا آهن. مجموعي طور تي 17 لک 80 هزار 837 گهرن کي نقصان پهتو آهي، جنهن ۾ 10 لک 61 هزار 743 گهر جزوي ۽ 7 لک 19 هزار 94 گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪا آهن. هن چيو ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب 2 لک 90 هزر 197 ڍور مري ويا آهن، جڏهن ته 48 لک 60 هزار 259 ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن. سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريسڪيو ۽ رليف جون سرگرميون جاري آهن. سنڌ حڪومت روزاني جي بنياد تي لکين متاثرن کي ٻه وقت جو تيار ٿيل کاڌو فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڄي پاڪستان ۾ ڊينگي جي صورتحال خراب آهي، ان حوالي سان سڄي صوبي جي اسپتالن ۾ ڊينگي لاءِ 44 خاص وارڊ مختص ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه سنڌ ۾ ڊينگي ۽ مليريا جي خاتمي لاءِ صحت کاتو ۽ ضلعي انتظاميا گڏيل طور تي اسپري ڪري رهيا آهن ته جيئن ماڻهن کي انهن بيمارين کان بچائي سگهجي.